اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي، ڇا هتي اسلام تي ڳالهائي نه ٿو سگهجي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( بيورو ) سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي خلاف نوٽيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ فيض آباد ڌرڻي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي بند لفاظي ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته فيض آباد آپريشن ۾ ڪيترا موت ٿيا، جنهن تي هن ٻڌايو ته موت جو ڪو به واقعو نه ٿيو آهي، واقعي ۾ 173 ماڻهو فوت ٿيا آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته رپورٽ ڏني وڃي ٻڌايو وڃي ته ڇا ٿيو. ڊپٽي اٽارني جنرل ٻڌايو ته نقصان بابت ڄاڻ پنجاب حڪومت ڏئي سگهي ٿي، پنجاب حڪومت جي اڻ صحيح ٿيل رپورٽ ملي آهي، رپورٽ موجب 146 ملين جو نقصان ٿيو آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل جي سوال تي جسٽس قاضي عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن توهان کي خبر ناهي ته صحافين کان پڇي وٺو، صحافي توهان کي پڇي وٺندا ميٽرو جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي، ماڻهن جو ڪيترو نقصان ٿيو، هي عوام جو پئسو آهي، ڪير ٻڌائيندا هي نقصان ڪير پورو ڪندو، اسلام جي نالي تي سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن جي نقصان جي اجازت ڪٿي آهي. جسٽس قاضي فائز چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي، ڇا هتي اسلام تي ڳالهائي نه ٿو سگهجي، پاڪستان اسلامي نظريي تي ئي هلندو. ٻڌڻي دوران آءِ ايس آءِ جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪي ايجنسيون ڇا ڪري رهيون آهن، هر شيءَ سياسي ايجنڊا نه هوندي آهي، ڪڏهن ملڪ لاءِ به سوچيون وڃي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *