عوام جو آواز بڻجڻ تي ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو: وڏو وزير

سکر (بيورو) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڀُٽي غريبن، هارين ۽ مزدورن کي زبان ڏني، عوام کي آواز ڏيڻ جي ڏوهه ۾ کيس شهيد ڪيو ويو. سکر ۾ يوم تاسيس جلسي کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڀُٽي پنهنجي بهادر نياڻي کي چيو هو ته توهان مون کان وڌيڪ ڪامياب ٿيندئو، بينظير ڀٽو عوام جي خدمت ڪئي ۽ عوام کيس ٻه ڀيرا وزيراعظم بڻايو. هن پنهنجي پيءُ جي مشن کي اڳتي وڌايو پر 27 ڊسمبر تي ٽئين آمر جي حڪومت ۾ اسان کي بينظير ڀٽو کان جدا ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته اسان عوام جي خدمت جو مشن اڳتي وڌائينداسين، عوام کي مخاطب ٿيندي وڏي وزير چيو ته ايندڙ سال هڪ ڀيرو ٻيهر توهان جي خدمت ۾ حاظر ٿينداسين.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *