عيد ميلاد النبي صه: ڪراچي ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جي سفارش
December 1, 2017 at 3:20 amڪراچي(م ڊ) سنڌ حڪومت عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند رکڻ جي سفارش ڪئي آهي. سڄي پاڪستان ۾ جمعي جي ڏينهن عيد ميلاد النبي صه ملهائڻ جون تياريون عروج تي اهن ۽ ان سلسلي ۾ گهڙين ۽ پاڙن کي خوبصورتي سان سينگاريو ويو آهي جڏهن ته سرڪاري عمارتن تي به ڏيئا ٻاريا ويا آهن. 12 ربيع الاول جي موقعي تي سنڌ حڪومت عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ان حوالي سان سيڪيورٽي پلان به مرتب ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت عيد ميلاد النبي تي سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جي لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيو آهي. گهرو کاتي طرفان لکيل خط ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ سروس معطل رکي وڃي، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين بند رکي ويندي. ٻي پاسي ڪراچي پوليس 12 ربيع الاول جي مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ پلان به ترتيب ڏئي ڇڏيو آهي جنهن تحت جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ 23 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، 5 هزار پوليس اهلڪار مرڪزي جلوس جي گذرگاهن، اچڻ ۽ وڃڻ وارن رستن تي مقرر ڪيا ويندا. پلان موجب پوليس موبائيلون، بڪتربند گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلن تي سوار اهلڪار به موجود هوندا.