نصير آباد ۾ ثقافتي تقريب ؛سنڌ جي ثقافت 8 ھزار سال پراڻي آھي،اسان کي پنھنجي ثقافت تي ناز آھي؛اڳواڻ
November 30, 2017 at 2:21 amنصيرآباد(رپورٽ؛حافظ عاشق ڦلپوٽو) نصيرآباد پريس ڪلب جي ميزباني ھيٺ ثقافتي تقريب راڳ رنگ جي محفل، اديبن شاعرن صحافين استادن شاگردن سميت ڊي سي ايس ايس پي قمبر سميت يونين آف جرنلسٽ جي اڳواڻن جي شرکت سنڌ جي ثقافت 8 ھزار پراڻي آھي اسان کي پنھنجي ثقافت تي ناز آھي مقررين جو شاندار تقريب کي خطاب، نصيرآباد پريس ڪلب پاران ٽوپي اجرڪ جي ثقافتي پروقار تقريب ٿي گذري ھن پروقار تقريب م شاعرن اديبن دانشورن سياسي سماجي ادبي.واپاري وڪيلن صحافين وڏي تعداد م شرڪت ڪۂي ثقافتي تقريب مختلف اسڪول جي ٻارڙن قومي گيتن تي ٽيبلا پيش ڪيا جڏنھن تہ راڳ ويراڳ جي محفل مشھور صوفي فقير جانڻ چن سرڪار صوفي ڪلام ڳاۂي محفل کي جھوماۂي ڇڏيو جڏنھن ت ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر قنمبر شھميرخان ڀٽو چيو تہ اسان کي اھڙن موقعن مان فاۂدو وٺندي تعليم تي توجو ڏجڻ گھرجي ڊي سي دعوا ڪندي چيو تہ قمبر ضلعي م 350 اسڪول.بند ھيا جن کي مان ڪوشش ڪري اڍاۂي سؤ اسڪول کولرايا آھن ڪيترن اسڪولن جي مرمت ڪراۂي آھي ھن چيو تہ سارين جي ڪٽوتي تي پابندي آھي آبادگار شڪايت ڪن اسان ڪارواۂي ڪندس تقريب کي ايس ايس پي قمبر شيراز نذيرعباسي يونين آف جرنلسٽ لاڙڪاڻي جي اڳواڻ ظفرابڙو شھري اتحاد صدر مرتضيٰ چانڊيو ڪاؤنسلر ء عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ سينگارنوناري ٽاؤن ڪاميٽي جي واۂيس چيئرمين حاجي وزيرعلي ڦلپوٽو پريس ڪلب جي صدر عاشق ڦلپوٽو ضلعي ميمبر عاشق واھوچو پيپلز عوامي ورڪرز پارٽي جي نيازحسين ڪلھوڙو بشيراحمد لغاري پ پ پ تعلقي اڳواڻ ممتاز علي لنجواڻي ايس يوپي جي علي گل ڪانڌڙو سردار الطاف حسين تنيو سماجي اڳواڻ ممتاز علي شيخ ھاءاسڪول جي ھيڊ ماسترعبدالجبار شيخ، قومي عوامي تحريڪ جي ايڊوڪيٽ عنايت تنيو، ايڊوڪيٽ پارس ڪانڌڙو، قومي امن ڪاميٽي جي ثناءاللہ ابڙو، چيو تہ سنڌ جي ثقافت تمام قديمي آھي سنڌ جي اجرڪ سنڌي ٽوپي اسان جو شان آھي سنڌ ماڻھون پنھنجي ٻولي ثقافت سان پيار ڪري ٿي سنڌ کي دشمنن سداۂين ڦريو.لٽيو آھي ڪيتراۂي حملا ٿيا آھن پر سنڌ اڄ بہ موجود آھي حملا ڪندڙ تباھ ٿي چڪا آھن ھنن چيو تہ وطن جي محبت ايمان جي نشاني،آھي.