شاهه زيب قتل ڪيس: شاهه رخ جتوئي ۽ سندس ساٿين جي موت جي سزا ڪالعدم قرار
November 29, 2017 at 3:05 amڪراچي( م ڊ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهه زيب قتل ۾ شاهه رخ جتوئي ۽ سندس ساٿين جي موت جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏيندي معامو ٽرائل لاءِ سيشن ڪورٽ موڪلي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت طرفان موت جي سزا خلاف شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين جي اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيلن طرفان ٺاهه جي درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي چڪو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج کان جاچ رپورٽ طلب ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ذاتي جهيڙي تان شاهه زيب کي قتل ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيلن سپريم ڪورٽ جي 2017ع جي هڪ فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته ذاتي تڪرار جو جهيڙو دهشتگرديءَ جي زمري ۾ نه ٿو اچي. پراسڪيوٽر جنرل شهادت اعواڻ موقف اختيار ڪيو ته فريادي هٿ کڻي چڪو آهي، جڏهن ته عدالت سوال ڪيو ته هي قتل ذاتي جهيڙو آهي يا وري دهشتگردي آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڪيس ۾ رڳو دهشتگرديءَ جي رخ جو جائزو وٺڻ باقي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي اهڙي نقطي ته ذاتي جهيڙو دهشتگردي جي زمري ۾ نه ٿو اچي کي ڏسندي معاملو ٽرائل لاءِ سيشن عدالت کي موڪلي ڇڏيو آهي. عدالت قرار ڏنو ته ڪيس جي ٻڌڻي لاڳاپيل عدالت ڪندي ۽ ماتحت عدالت قتل جي سببن جو جائزو به وٺندي. عدالت جوابدار شاهه رخ جتوئي، سراج ٽالپر، سجاد ٽالپر ۽ غلام مرتضيٰ جتوئي جي موت جي سزا به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.