واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ استحڪام ۽ مصلحت کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي حوالي سان نئون موقف اختيار ڪرڻ تي غور ڪري رهيو اهي. ميڊيا رپورٽ موجب اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي مالياتي ترجيحن تي جاري ڪيل سالياني رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي حوالي سان نئون موقف 21 نومبر تي ٽرمپ پاران پيش ڪيل ڏکڻ ايشيا جي لاءِ پاليسي جو هي اهم عنصر آهي. اسٽِيٽ ڊپارٽمينٽ جي انسپيڪٽر جنرل اسٽيو اي لينڪ جو چوڻ هيو ته ڏکڻ ايشيا ۽ خاص طور تي افغانستان جي حوالي سان اڳڀرائي ڪرڻ تي اسانکي پاڪستان ۽ ڀارت جي لاءِ نئين موقف تي عمل ڪرڻون پوندو ته جيئن دهشتگرد تنظيمن کي پناهگاهون نه ملي سگھن، ان جو چوڻ هيو ته هن نئين حڪمت عملي جو اصل مقصدطالبانن سان مصلحت جو عمل ۽ افغان حڪومت جي پنهنجي عوام کي حفاظت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ شامل آهي. رپورٽ موجب اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کي پيش آيل انتظامي ۽ ڪارڪردگي جي مسئلن ۽ ڊپارٽمينٽ پاران انهن مسئلن جي حل جي لاءِ ورتل ڪوششون آڏو آنديون ويون، سالياني رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ جاري دهشتگردي روڪٿام جي معاونت جي پروگرام جي نگراني ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي به آڏو آڻيندي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران پاڪستان ۾ ان معاملي جي تصديق ۽ ضروري رپورٽون جمع ڪرائڻ جي خاطري ڏيارڻ لاءِ ڪوئي نمائندو موجود ناهي، جڏهن ته بيورو پنهنجا حدف حآصل ڪرڻ جي لاءِ اڳڀرائي جاچڻ جي لاءِ ڪي خاص ذريعا به اختيار نه ڪيا آهن. رپورٽ ۾ پاڪستان کان ويزا حاصل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي به سامهون رکيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ دهشتگردي جي روڪٿام جي معاونت جي پروگرام ۾ نظر رکڻ ۽ جاچ جون ضرورتون پوريون ڪندي ان کي بهتر بڻائي سگھجي ٿو.