مومن آباد ۾ جوڙو قتل: جرڳي جا سمورا جوابدار گرفتار ڪيا ويا:سهيل انور سيال

ڪراچي(م ڊ) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال مومن آباد ۾ جوڙي کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙ جري جي سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته ڪراچي ۾ 80 سيڪڙو ڏوهه موٽر سائيڪل تي ٿيندا آهن، انصار الشريعه طرفان دهشتگرداڻيون ۽ چاقوبردار طرفان عورتن تي حملا به موٽر سائيڪل تي ئي ڪيا ويا. صوبائي گهرو وزير چيو ته ڪراچي لاءِ سيف سٽي پراجيڪٽ منصوبي ڏانهن وڃي رهيا آهيون، شهر جي نگراني سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي ٿيندي. هن چيو ته موٽر سائيڪل ۾ ٽريڪر سسٽم لڳل هئڻ گهرجي ۽ موٽر سائيڪل جي اڳئين حصي تي به نمبر پليٽ لڳائي وڃي. گهرو وزير اعتراف ڪيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي شرح ۾ لاٿ آئي آهي پر مڪمل ختم ناهي ٿيو. سهيل انور سيال مومن آباد ۾ جرڳو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري جي دعويٰ ڪندي چيو ته جرڳي جي فيصلي تي جوڙي کي قتل ڪندڙ 9 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غيرت جي نالي تي قتل جي ڪيسن ۾ شاهد عدالتن ۾ پيش ناهن ٿيندا، شاهد عدالتن ۾ پيشي کان ڊڄندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *