وڏي وزير سان ڪوسٽ جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل معظم الياس جي ملاقات
November 28, 2017 at 3:04 am![](http://dailynawaisindh.com/wp-content/uploads/2017/11/cm-Murad-Ali-Shah.jpg)
ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪمانڊر ڪوسٽ ريئر ايڊمرل معظم الياس ايڇ آءِ ايم (اوپس ڪمانڊر، ڪوسٽل ايريا ڪام ڪوسٽ) ڪراچيءَ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، وزيراعليٰ هائوس ترجمان موجب ملاقات سمنڊن جي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هيو ته اسان پنهنجي ڪنارن کي بهتر ۽ خوبصورت بڻائينداسي، هن چيو ته مان ٺٽي ۽ سجاول جي علائقي ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيئن انهن علائقن جا ٻارڙا به معياري تعليم حاصل ڪري سگھن.