مونکي هاڻ چونڊون وقت تي ٿيندي نظر پيون اچن؛منظور حسين وساڻ جي اڳڪٿي

November 28, 2017 at 3:04 am

ڪراچي(هه آ) صنعتن واري صوبائي وزير منظور حسين وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مونکي اليڪشن هاڻي وقت ٿيندي نظر پئي اچي، چونڊون هاڻ وقت تي ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن موجوده سياسي صورتحال تي بيان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته هاڻ جيڪا به حڪومت ايندي ان کي ڌرڻن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻون پوندو،عمران خان جيڪا ملڪ ۾ ڌرڻن جي روايت وڌي آهي اها هاڻ هلندي رهندي ختم ٿيڻ واري ناهي، عمران خان جي جڏهن حڪومت آئي ته مولانافضل الرحمان ڌرڻون هڻندو پوءِ عمران خان ڇا ڪندو. هن چيو ته قانون وارو وزير زاهد حامد پهريان ئي استعيفا ڏئي هان ته ايترا حالات خراب نه ٿين هان، ملڪ ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي جي ڊي اي يعني جي ايم اي جنرل مشرف الائنس ۽ جي يوآءِ مان ڪوبه خطرو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ڌرڻان گهڻان آهن ۽ حالتون خراب ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، پيپلزپارٽي هميشا جمهوريت لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ادا ڪندي رهندي، جمهوريت خاطر اسان جيل به ڪاٽيا آهن.

اي پيپر