اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد هائيڪورٽ حڪومت ۽ ڌرڻا قيادت جي وچ ۾ فوج جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل معاهدي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت معاهدي جو نه پر صرف ڌرڻون ختم ڪرڻ ۽ فيض آباد انٽرچينج خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پاڪستان جي آئين موجب ڪنهن آرمي آفيسر جو ٽياڪڙ بڻجن ڪيئن آهي، ڇا آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آئين کان ٻاهر آهي؟ فوجي آفيسر ٽِياڪڙ ڪيئن بڻجي سگھي ٿو، لڳي رهيو آهي ته ان جي چوڻ تي ٿيو، رياست سان ڪيستائين ائني ٿيندو رهندو. آئي بي ڌرڻي مطابق سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ آئي ڊي بابت پتو لڳائڻ عدالت کي آگاهه ڪرڻ ۽ فيض آباد جي آپريشن جي ناڪامي جي رپورٽ پيش ڪري، حڪومت انوشه رحمان کي بچائڻ جي لاءِ زاهد حامد جي قرباني ڏئي رهي آهي سومر تي فيض آباد ڌرڻو ختم ڪرڻ جي متعلق اسلام آباد هائڪورٽ ۾ داخل ٿيل درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته آرمي چيف ملڪ جي چيف ايگزيڪٽو جو حڪم مڃڻ جي بدران ٽياڪڙ بڻجي ويو، جسٽس شوڪت عزيز رمارڪس ڏيندي چيو ته فوج ڪير ٿيندي آهي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ واري ڇا فوج اقوام متحده آهي جيڪا ٽياڪڙي ڪرائي رهي آهي، هن پڇاڻو ڪيو ته پاڪستاني قانون ۾ هڪ ميجر جنرل کي ٽياڪڙ بڻائڻ جو اختيار ڪٿي ڏنو ويو آهي جنهن ماڻهون ڪورٽ مارشل ٿيڻ گھرجي هان انکي ٽياڪڙ بڻايو ويو، جسٽس شوڪت صديقي رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيڏانهن ويو ان جو ردالفساد هتي انکي فساد نظر نه آيو، هي ته ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان جي پويان هيءَ هيو، سيڪش فور تحت انتظاميا کي هنگامي صورتحال ۾ فوج گھرائڻ جو اختيار آهي جڏهن ته سيڪشن 5 تحت فوج انتظاميا جو حڪم مڃڻ جو پابند آهي هن سڌي طرح فوج سان مخاطب ٿيندي چيو ته فوج پنهنجي آئيني حد ۾ رهي ڇو ته هاڻي عدليا ۾ جسٽس منير جا پوئلڳ ناهن ۽ جن فوجن کي سياست جو شوق آهي اهي حڪومت جي ڏنل بندوق واپس ڪري رٽائر ٿي وڃن ۽ سياست جو شوق پورو ڪن، ان موقعي تي جسٽس شوڪت عزيز آئي بي کي هدايتون جاري ڪندي ڌرڻي بابت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ آ ئي ڊي بابت پتو لڳائي عدالت کي آگاهه ڪرڻ ۽ فيض آباد جي آپريشن جي ناڪامي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس شوڪت صديقي آئي بي کي مظآهر ڪندڙن وٽ ٽيئر گنز، شيل ۽ ماسڪ جي موجودگي جي جاچ ڪري ان کي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سندس اهو به چوڻ هيو ته آئي بي ۾ گھڻو ڪۡجهه ٿي رهيو آهي اهي پنهنجو ڪم ڪرڻ بدران آئي ايس آئي سان ويڙهه ۾ لڳل آهن، جسٽس شوڪت عزيز چيو ته مونکي خبر آهي هن رمارڪس کان پوءِ مان به غائب ماڻهن ۾ شامل ٿي ويندس يا مارجي ويندس. هن وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت انوشه رحمان کي بچائڻ جي ل اءِ زاهد حامد جي قرباني ڏئي رهي آهي جسٽس ضديقي چيو ته انوشه رحمان ڊرٽي گيم کيڏي رهي آهي ، ناموس رسالت صلعم معلق ڪيس ۾ انوشه رحمان جي ڪردار تي نڪتو اٿاريو هو، ان موقعي تي ه ن چيو ته احسن اقبال صاحب اوهان ٻڌايو ته قانون ۾ ڪٿي اهو اختيار ڏنو ويو جنهن تي وفاقي گھرو وزير چيو ته اندروني سيڪيورٽي جو حالتون بڻجي رهيو هيون روزانون ڪنهن ڪرنل ميجر ايڊيشنل آئي جي تي حملا ٿي رهيا آهن ۽ هڪ ايٽمي قوت جي مالڪ رياست کي ناڪام ڏيکارڻ جي لاءِ ملڪ جي اندروني حالت خراب ٿي رهي آهي، هن چيو ته موٽرويز، ريلويز ۽ شهرن کي بند ڪيو پيو ويو، ان لاءِ مظاهر و ڪندڙن سان جيڪو معاهدو ٿيو اهو ملڪ کي انهن حالتن مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪيو ويو، وفاقي گھرو وزير چيو ته ان عورت جو پٽ آهيان جنهن ختم نبوت جي قانون جو ٺهراءَ پيش ڪيو هو. جنهن تي عدالتي ڪاروائي جي دوران احسن اقبال عدالت کي ٻڌايو ته قومي قيادت جي مشاورت سان صورتحال جي فوري بهتري جي لاءِ مظاهرو ڪندڙن سان لکت ۾ معاهدو ڪيو ويو جنهن ۾ قومي قيادت اهم ڪردار ادا ڪيو. جسٽس شوڪت عزيز چيو ته توهان عظيم ماءُ جا پٽ ۽ عظيم ناني جا ڏوهٽا آهيو، هن کان اڳ جسٽس شوڪت عزيز مذهبي جماعتن جي ڌرني خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران درخواست تي ٻڌڻي دوران وفاقي گھرو وزير جو پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس 15 منٽن اندر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، احسن اقبال عدالتي حڪم مڃيندي مقرر وقت ۾ اسلام آباد هائيڪورٽ پهتو ۽ عدالت کي خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت ۽ مظاهرو ڪندڙن وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي، ٻڌي دوران آئي جي اسلام آباد خالد خٽڪ، چيف ڪمشنر ذوالفقار احمد ڀٽه، ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) مشتاق به عدالت ۾ موجود هئا، عدالت وفاقي گھرو وزير کان سواءِ ڊائريڪٽر جنرل انٽيليجنس بيورو، انٽر سروس انٽيليجنس جي سينٽر ڪمانڊر کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو هو، ۽ راجه ظفر الحق جي رپورٽ کي به 27 نومبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.