ڌرڻي ذريعي سياسي پارٽين سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: احسن اقبال

November 28, 2017 at 2:55 am

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته چونڊ سڌارا بل کي سڀني پارٽين گڏجي پاس ڪيو هو، سياسي پارٽين جو حق هو ته هو زاهد حامد جي مٿان وڃي بيهن ها، ڌرڻي ذريعي سياسي پارٽين سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ڌرڻن اسان لاءِ گهڻن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي، ماڻهن کي چڙ ڏياري گهرن تي حملا ڪرايا ويا، جن جي گهرن تي حملا ڪيا ويا اُهي  به مسلمان آهن، وفاقي گهرو وزير چيو ته نارووال ۾  منهنجي گهر تي به حملو ڪيو ويو ۽ ان مظاهري جي قيادت پي ٽي آءِ جو مقامي صدر ڪري رهيو هو. احسن اقبال چيو ته ڌرڻو ڪندڙن گهڻين جاين تان رستي کولي ڇڏيا، هن چيو ته اسان جنگ واري حالت ۾ آهيون ۽ دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، پاڪستان خلاف پرڏيهي سازش ڪئي پئي وڃي، اهڙا قدمن سان دشمن خوش ٿيندا آهن.

اي پيپر