نااهلي جي باوجود پروٽوڪول وٺڻ تي نواز شريف ۽ مريم نواز کي نوٽس جاري

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ نااهلي جي باوجود سرڪاري پروٽوڪ وٺڻ تي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ مريم نواز کي نوٽس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽  سندس ڌيءَ مريم نواز کان سرڪاري پروٽوڪول واپس وٺڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عندليب عباسي جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس شاهد ڪريم ڪئي. درخواستگذار عندليب جي وڪيل عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف کي نااهل ڪيو پر ان فيصلي کان پوءِ اڳوڻو وزير اعظم نه رڳو پنجاب هائوس استعمال ڪري رهيو آهي پر سندس پروٽوڪول ۾ 40 گاڏيون به شامل هونديون آهن جڏهن ته پاناما ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جي سامهون پيشي دوران نواز شريف ۽ مريم نواز جي پروٽوڪول جي مد ۾ 2 ڪروڙ 18 لک رپيا خرچ ڪري عوام جا پيسا ضايع ڪيا ويا. درخواستگذار عدالت کان اپيل ڪئي ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز کان پروٽوڪول واپس ورتو وڃي ۽ پنجاب هائوس جي استعمال تي پابدني لڳائي وڃي. عدالت نواز شريف ۽ مريم نواز کي نوٽس جاري ڪندي ٻڌڻي 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته جوابدار سميت ٻين ڌرين کي کان جواب طلب ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *