رياض(م ڊ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو چوڻ آهي ته ڪرپشن خلاف سعودي عرب ۾ ٿيل تازين ڪارروائين کي تخت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش قرار نٿو ڏئي سگهجي. نيويارڪ ٽائمز کي ڏنل انٽرويو ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو چوڻ هو ته 80 واري ڏهاڪي کان سعودي عرب ڪرپشن جي ڄار ۾ وڇڙيل آهي، هڪ اندازي موجب سعودي حڪومت جي خرچن جو 10 سيڪڙو حصو ڪرپشن ۾ هليو ويندو آهي ۽ ان مٿان کان وٺي هيٺ تائين جا سمورا ماڻهو ملوث آهن. هن چيو ته ڪرپشن خلاف سعودي عرب ۾ ٿيل تازين ڪارروائين کي تخت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش قرار نٿو ڏئي سگهجي. ملڪ ۾ هر سال ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ هيٺين سطح تي ڪارروائي ڪئي ويندي هئي جيڪا هميشه ٿيندي هئي. محمد بن سلمان جو چوڻ هو ته منهنجي والد جڏهن تخت سنڀاليو تڏهن کان ئي هن ڪرپشن پاڙان پٽڻ جو ارادو ڪيو هو، 2015ع ۾ هن ڪرپشن کي اعليٰ سطح تان ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي بڻائي جنهن 2 سالن تائين جاچ ڪري 200 نالن کي شارٽ لسٽ ڪيو. هن چيو ته گرفتار شهزادن کي جاچ دوران جيئن ڪرپشن جي فائل ڏيکاري وئي ته هو 95 سيڪڙو رقم واپس ڪرڻ تي راضي ٿي ويا. هڪ سيڪڙو شهزادن چيو ته هو اِهو ثابت ڪري سگهن ٿا ته هنن ڪرپشن ناهي ڪئي جڏهن ته 4 سيڪڙو عدالت ۾ وڃڻ چاهن ٿا.