آمريڪا افغانستان کي غير مستحڪم ڪيو، هاڻي پاڪستان جو وارو آهي: فضل الرحمان

مردان ( م ڊ ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آمريڪا لاءِ اسلام جو خاتمو ضروري ٿي ويو آهي، واشنگٽن نوجوان مذهبي طبقي جو خاتمو چاهي ٿو. مردان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان حڪمت عملي سان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر امن جي ڳولا سڀني جي خواهش آهي. هن چيو ته اسان اختلاف برداشت ڪري وٺنداسين پر امن چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ عالمي طاقتن جي اوليت تبديل ٿي وئي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته روس خلاف افغان جنگ ۾ جهادي ڪلچر پيدا ڪيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن سمورا عالم هڪ پيج تي نه هجن ها ته دهشتگردي ختم نه ٿي ها. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي پاڪستان جو مسئلو بڻيو تنهن جو ذميوار ڪير آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ ان قابل آهي جو سموري قوم جي رهنمائي ڪري سگهي. هن چيو ته افغانستان کي غير مستحڪم ڪيو ويو، 15 سالن کان رتوڇاڻ ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته ايندڙ نشانو پاڪستان هوندو، ٽرمپ سنگين الزام هڻي چڪو آهي. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ لاءِ افغانستان جا را سان رابطن جون شاهديون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *