پ پ جي دور ۾ پيسن تي ڀرتيون ٿيون، کاتي ۾ جايون ئي ڪو نه هيون: ڄام مهتاب
November 24, 2017 at 5:35 amڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي تعليم واري وزير ڄام مهتاب پنهنجي ئي پارٽي جي دور ۾ ڪوڙين ڀرتين جي تصديق ڪري ڇڏي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ استادن جعلي آهن، 2012ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ پيسا وٺي کين ڀرتي ڪيو ويو. هن چيو ته اهڙن اهڙن استادن کي ڀرتي ڪيو ويو جيڪي عربي ٻولي کان ناواقف آهن، پيسا وٺي ڀرتيون ڪيون ويون جڏهن ته جايون موجود ئي نه هيون. پگهارن جي عدم ادائيگي تي استاد سنڌ اسيمبلي جي دروازي ٻاهران احتجاج ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري ڀرپاسي وارن روڊن تي سخت ٽريفڪ جام آهي. احتجاج ڪندڙ استادن جو موقف آهي ته کين 2012ع ۾ ڀرتي ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ پگهارون ئي نه ڏنيون ويون. استادن جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري اسڪولز 2 مهينن جون پگهارون جاري ڪرڻ جو يقين ڏياريو تنهن هوندي هن وقت تائين پگهارون ناهن ڏنيون ويون.