پوليس آفيسرن جي مقرري ۽ بدلين جو معاملو، پوليس جا نوان رولز پيش ڪيا وڃن : عدالت

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هائيڪورٽ پوليس آفيسرن جي مقرري ۽ بدلين جي نون رولز جو تفصيل ڪري ورتو، خميس تي ٻه رڪني بينچ آڏو پوليس آفيسرن جي مقرري ، بدلين جي مدي متعلق ائي جي سنڌ کي شامل نه ڪرڻ جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت سنڌ حڪومت کان پوليس جي نون رولز جو تفصيل طلب ڪري ورتو. ايڊوڪيٽ جنرل کي حڪم ڏنو ويو ته سنڌ حڪومت کان وضاحت ٻڌايو ته پوليس رولز جو ڇا ٿيو رمارڪس ڏيندي عدالت حڪم ڏنو ته سنڌ پوليس رولز ڪهڙن مرحلن ۾ آهي 30 نومبر جو تفصيل به پيش ڪيو وڃي، درخواست ڪندڙ جي وڪيل فيصل صديق چيو ته ست سيپٽمبر تي عدالت پوليس آفيسرن جي مقرري، بدلين ۽ مدي متعلق نئون ڊرافٽ ٺاهڻ جي هدايت ڏني، صوبائي ڪابينا نئون ڊرافٽ بڻائن مطابق ڪميٽي ۾ سنڌ کي شامل ناهي ڪيو، سنڌ حڪومت عدالتي فيصلي تي ان جي روح مطابق عملدرآمد نه پئي ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *