ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت آئي جي سنڌ کي هڪ دفعو ٻيهر پريشان ڪندي پوليس کاتي جا 90 سيڪڙو فند روڪي ڇڏيا، جڏهن ته پوليس کاتي ۾ به آئي جي سنڌ جي وڃڻ جي حوالي سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، تفصيل موجب سنڌ حڪومت آئي جي سنڌ اي ڊي خواجا کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ 90 سيڪڙو فنڊ روڪي ڇڏيا آهن ذريعن موجب فنڊ روڪڻ سان سنڌ پوليس ۾ ڪيترائي اهم متاثر ٿيا آهن ۽ ڪيترائي ترقياتي ڪم به رلي ويا آهن، ذريعن موجب فنڊ نه هجڻ سبب لاجسٽڪ جو شعبو سڀ کان گھڻو متاثر ٿيو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي رهائشي ڪالونيون ( پوليس لائين) آفيسرن جو آفيسون ۽ بنگلن جي مرمت جا ڪم به سخت متاثر ٿيا آهن. رقم نه هئڻ سبب مرمت جا سمورا ڪم رڪجي ويا آهن، ذريعن ٻڌايو ته جيڪي ٿورا گھڻا فنڊ آهن انهن سان روزاني جا معاملا اڪلايا پيا وڇن، جيڪڏهن جلد فنڊ رليز نه ڪيا ويا ايندڙ ڪجھه هفتي ۾ سنڌ پوليس فنڊ جي سخت کوٽ جو متاثر ٿيندي، ذريعن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت آئي جي سنڌ کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ اهڙي قسم جو رويو اختيار ڪيو آهي جو آئي جي سنڌ مجبور ٿي پنهنجو عهدو ڇڏي ڏئي.