پيپلز پارٽي تڪ بندين جي آئيني ترميم جي منظوري اليڪشن بل سان سلهاڙي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه ڏٺو واري پاليسي بڻائي آهي ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت سندن بل جي حمايت نه ڪئي ته هو به سينيٽ ۾ پنهنجي حڪمت عملي بڻائيندا. ميڊيا رپورٽن موجب پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ تڪ بندين جي آئيني ترميم جي منظوري اليڪشن بل سان سلهاڙي وئي آهي ۽ پيپلز پارٽي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت سندن بل جي حمايت ته پوءِ هو به سينيٽ ۾ پنهنجي حڪمت عملي بڻائيندا. مخالف ڌر اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ ۾ تڪ بندين جو بل مخالف ڌر ڄاڻي واڻي ناهي روڪيو جڏهن ته اليڪشن بل تي حڪومت سان ڳالهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي پر هو سمجهن ٿا ته ليڊرشپ جو مسئلو آهي. هن چيو ته اهو ساسي معاملو آهي، ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن حڪومت اسان جي بل جي حمايت نه ڪئي ته اسان به سينيٽ ۾ پنهنجي حڪمت عملي بڻائينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *