ايم ڪيو ايم جا پارليمنٽينئر به مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن: ايف آءِ اي جي رپورٽ

اسلام آباد(بيورو) ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي جي ميمبرن، سينيٽرن ۽ ڊپٽي ميئر جي ذريعي پرڏيهه رقم اماڻي رهي آهي. تفصيل موجب ڪراچي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ايم ڪيو ايم باني ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ ايف آءِ اي جو جاچ آفيسر پيش ٿيو ۽ هن جاچ رپورٽ جمع ڪرائي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي محمد علي ابڙي جي پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيوويو آهي ته ايم ڪيو ايم ويلفيئر اداري خدمت خلق فائونڊيشن جي فنڊن کي غلط استعمال ڪيو ويو. متحده جي قومي اسيمبلي جي ميمبر، سينيٽرن ۽ ڊپٽي ميئر ذريعي رقم پرڏيهه منتقل ٿيندي رهي. جاچ آفيسر جو هوڻ هو ته اسان ان بابت رينجرز ۽ ٻين ادارن کان ڄاڻ طلب ڪئي آهي جڏهن ته گهرو وزارت جي ذريعي ٻين ملڪن مان به ڄاڻ گهرائي پئي وڃي ۽ برطانوي حڪومت ۽ محتده عرب امارات کان به بينڪ ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي.  جاچ آفيسر چيو ته مون وٽ هاڻ ان ڪيس جي جاچ ناهي ڇو ته مٿين اختيارين جي حڪم تي جاچ اسلام آباد ايف آءِ اي منتقل ڪئي وئي آهي ان ڪري مفرور جوابارن جي رپورٽ پيش نٿو پيش ڪري سگهان. عدالت ايف آءِ اي جي رپورٽ منظور ڪري ورتي ۽ ايم ڪيو ايم باني، محمد انور، طارق مير ۽ خواجا ريحمان منصور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنت جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *