توانائي جي چيلنجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ عملي بندوبست ڪري رهيا آهيون: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(م ڊ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته توانائي چيلنجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ بندوبست ڪري رهيا آهيون، حڪومت جيڪو به منصوبو شروع ڪيو ان کي مڪمل ڪيو. پورٽ قاسم تي ايل اين جي ٽرمينل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم جو چوڻ هو ته حڪومت سنڀالي ته ملڪ ۾ توانائي جو سخت بحران هو، جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پاڪستان گيس پورٽ ڪنسورشيم جي سهڪار سان ٽرمينل لڳايو ۽ اقبال زيڊ احمد محنت سان ٽرمينل جي منصوبي کي مڪمل ڪيو، شاهد خاقان عباسي چيو ته بجلي جي قلت سبب صارف ۽ صنعتون متاثر ٿي رهيون هيون ۽ کاڌ جي ڪارخانن ۽ گهريلو صارفن کي گيس جي گهٽائي کي منهن ڏيڻو پئي پيو، گيس سان هلندڙ ٽي بجلي گهر جلد ڪم شروع ڪندا جڏهن ته ٻئي ايل اين جي ٽرمينل سان اسان کي چڱي مقدار ۾ گيس ملندو.  هن چيو ته ايل اين جي ٽرمينل ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، ملڪ ۾ گيس سان هلندڙ وڌيڪ بجلي گهر به لڳايا پيا وڃن، اميد آهي ته ملڪ ۾ وڌيڪ ايل اين جي ٽرمينل لڳندا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو ڪم واپار ڪرڻ ناهي پر ريگوليٽري فريم ورڪ ڪرڻ آهي، ايندڙ 3 سالن ۾ ايل اين جي جي طلب 30 ملين ٽن کان وڌي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *