ٻارڙن جو عالمي ڏهاڙو؛يو ايس ايڊ پاران نصير آباد لڳ موندر لاکا هاءِ اسڪول ۾ شاندار تقريب،شاگردن ۾ انعام تقسيم

نصير آباد(رپورٽر) يو ايس ايڊ پاران نصيرآباد لڳ ڳوٺ موندر لاکا جي بوائز هاءِ اسڪول ۾ ٻارن جي عالمي ڏينهن تي تقريب ڪوٺائي وئي ٻارڙن جي عالمي ڏهاڙي تي ٿيندڙ تقريب ۾ ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ شهمير علي ڀٽو سميت اي سي نصيرآباد سيد يار علي شاه چيئرمين ٽائون ڪميٽي نصيرآباد پ پ پ اڳواڻ انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو، اسڪول جو هيڊ ماستر عبدالعزيز چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر يو ايس ايڊ وڪيل احمد شيخ ، بشير احمد لاکو فوڪل پرسن ، بشير احمد چانڊيو ، سميت استادن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ٽيبلوز ۽ خاڪا تقريرون پڻ ڪيون پروگرام جي صدارت ڪندڙ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ شهمير خان ڀٽو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ 500 اسڪولن جون عمارتون زبون حال آهن ۽ ضلعي جي اندر 350 اسڪول بند پيل آهن جن مان رات ڏينهن ڪوششن باوجود 150 اسڪول کولرايا آهن جنهن ۾ 8 مڊل اسڪول بند هيا اهي پڻ کولرايا آهن هن چيو ته سماج سان لاڳاپيل مسئلا اڻ کٽ آهن دنيا جي سفر ۾ اسين 75 سيڪڙو پوئتي آهيون اسان جا ٻار جهالت ۽ غربت جي سبب تعليم ۽ صحت بهتر نموني حاصل نٿا ڪري سگھن تعليم جو وڏو دشمن گسٽا ۽ پ ٽ الف يونينون آهن سياسي دٻائن جي باوجود به پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي ڊي اي او جي اضافي چارج تي عوام ۽ استادن جو ٿورائتو آهيان جڏهن ته تقريب کي ٽائون ڪاميٽي نصيرآباد جي چيئرمين انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو ، اسڪول جو هيڊ ماستر عبدالعزيز چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر يو ايس ايڊ وڪيل احمد شيخ ، بشير احمد لاکو فوڪل پرسن ، بشير احمد چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام پڻ ورهايا ويا .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *