سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته آءِ جي سنڌ 22 گريڊ جو آفيسر هجي: سهيل انور سيال

سکر (بيورو): صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته ممڪن آهي ته ڊاڪٽر عاصم کي وطن واپسي تي وڏو عهدو ڏنو وڃي، سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير چيو ته ڊاڪٽر عاصم علاج جي سلسلي ۾ 6 هفتن لاءِ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته آءِ جي سنڌ سان اختلافن جو باب الڳ آهي، گريڊ 17 کان مٿي جي آفيسرن خلاف ڪارروائي منهنجي اختلاف ۾ آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته آءِ جي سنڌ 22 گريڊ جو آفيسر هجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *