ڪراچي (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته وفاق سڄي ملڪ جي برابر جي ترقي جي سوچ تي هلي رهيو آهي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ۽ هر قسم جون سهولتون ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر تي گورنر هائوس ڪراچي ۾ پهچڻ تي سنڌ جي گورنر سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو، ملاقات ۾ صوبي جي صورتحال امن امان ۽ وفاق پاران جاري منصوبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي معاشي اقتصادي ۽ تجارتي سرگرمين سميت اهميت وارن ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي ترقي ۽ خوشحالي جا اثر سڄي ملڪ تي پون ٿا، ڪراچي ۾ جٽادار امن جي لاءِ جوڳا قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته امن امان قائم ٿيڻ کانپوءِ ت رقياتي ڪمن تي ڏيان ڏئي رهيا آهيون، صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاٰءِ وفاق سهڪار ڪندو رهندو ان موقعي تي سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سمورين سياسي ۽ مذهبي جماعتن، صنعتڪار تاجر ۽ ٻين سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ڪئي پئي وڃي، هر هڪ صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته وفاق جي معاشي پاليسي جا سڀ کان وڌيڪ بهتر نتيجا سنڌ صوبي مان ملي رهيا آهن، حيدر آباد، جيڪب آباد، ٺٽو، ٽنڊومحمد خان ۽ ڪراچي ۾ وفاق جي سهڪار سان جاري منصوبن جي اهميت وڌي رهي آهي ان کاناڳ وزيراعظم ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتو ته سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير ان جو استقبال ڪيو ان موقعي تي ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هيا.