ڪراچي (م ڊ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاداڻي ووٽ جو حق مليو ته پيپلز پارٽي وڏي اڪٿريت سان ڪامياب ٿيندي، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنوار سينگار بعد جهانگير پارڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڄي سنڌ ۾ مختلف شعبن ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، هن چيو ته جهانگير پارڪ سان صحت منداڻيون تفريحي سرگرميون ملنديون.