ن ليگ وارا توپن جو رُخ پنهنجي طرف موڙي رهيا آهن، کين عقل کان ڪم وٺڻ کپي: ناصرحسين شاهه
November 20, 2017 at 3:09 amسکر (بيورو) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته نوازشريف پاران عدليه جي فيصلي نه مڃڻ کانپوءِ ن ليگ وارا بيوقوفين جو تسلسل برقرار رکيون پيا اچن ۽ هنن توپن جو رُخ پنهنجي طرف موڙي ڇڏيو آهي کين عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي، جڏهن اسحاق ڊار پاڻمرادو بيمار آهي ۽ مٿس ثابتيون به آهن ته پوءِ کيس ملڪ جي اهم وزارت تان هٽائڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سکر پريس ڪلب ۾ سينئر صحافي جاويد ميمڻ جي 50هين سالگره جي موقعي تي سندس ڪتاب “تنهائين جو مسافر” جو مهورت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته ختم نبوت جو بل شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو پاس ڪرايو هو، اسين ڌرڻي وارن جي موقف جي حمايت ته ڪيون ٿا پر سندن طريقيڪار غلط آهي، ڌرڻي سبب لکين بزرگ شهري، ٻارڙا، ڀائر ۽ ڀينرون مشڪلاتن ۽ اذيتن مان گذري رهيا آهن، جيڪا شق ختم ڪئي وئي هئي اُها هاڻ حڪومت واپس وٺي ڇڏي آهي، تنهنڪري هاڻ ڌرڻي جو جواز ناهي رهيو. هن چيو ته خواجه سعد رفيق کي غلط بياني کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پ پ جي ڪجهه عهديدارن ڌرڻي جو معائنو ڪيو هو، انهن کي شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته خان صاحب هميشه خوابن جي دنيا ۾ رهندو آهي ۽ هو جعلي خان آهي سندن ڳالهيون خيالي پلاءَ کانسواءِ ڪجهه ناهي هوندو، سنڌ ۾ جلسن ڪرڻ تي اسان کين ڀليڪار چونداسين ۽ سڪيورٽي ڏيندا سين، باقي سڀني کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ جو گراف هيٺ ڪريو آهي مٿي وڌيو ناهي، هو تبديلي آڻيندي آيندي جيڪي ماڻهو پاڻ سان گڏ کڻي پيو اچي انهن مان ڪهڙي تبديلي جي اميد ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ڊي آءِ خان ۾ عورتن جي تذليل جي واقعو بابت پي ٽي آءِ جي جنهن ايم پي اي شڪايت ڪئي اُن کي ئي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، پي ٽي آءِ وارا سامهون ڳالهه هڪڙي ڪندا آهن پرپٺ سندن من ۾ ٻيو ڪجهه هوندو آهي. هن چيو ته هو دعويٰ نه پر حقيقت ٿو ٻڌائي ته 2018ع جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ ڪي پي ڪي ۾ به حڪومت نه ٺاهي سگهندي، اتي سندن ڪارڪردگي رُڳو ڳالهيون ئي آهن، جنهن لاءِ سندن پارٽي جو سربراهه مڃي چڪو آهي. گرينڊ الائينس جي سکر ۾ رٿيل جلسي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير اطلاعات چيو ته جي ڊي اي ۾ وڏيون شخصيتون آهن ۽ ان جو سربراهه سنڌ جي هڪ وڏي گادي جو وارث آهي، جيڪو ذاتي طور انتهائي قابل عزت ۽ احترام لائق آهي، اهو جلسو به 2013 اليڪشن کان اڳ حيدرآباد ۾ ٿيل وڏي جلسي جهڙو هوندو، پر سياسي طور پيپلزپارٽي تي ڪوبه فرق نه پوندو. ايم ڪيو ايم پي ايس پي اتحاد بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اهي بوکلاهٽ جو شڪار آهن، کين خبر آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ نتيجا ڪهڙا ايندا، ڇاڪاڻ ته جڏهن کان هتي امن ٿيو ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي، سنڌ حڪومت، پوليس ۽ عوام جي محنت سان ڪامياب آپريشن ٿيو، جنهن بعد ڍونگ، ڌانڌلي ۽ ٺپي واري سياست ختم ٿي وئي، ان جو واضح مثال 114 جي اليڪشن جو نتيجو آهي، آئينده به ڪراچيءَ جي عوام جو فيصلو اهڙو ئي ايندو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي ۽ ڪوششون ورتيون آهن، تنهن ڪري ڪليئر آهي ته 2018ع جي اليڪشن ۾ ڪراچيءَ مان پيپلزپارٽي ئي سوئيپ ڪندي. ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت وفاق سان ٽڪراءَ جي سوال جي موٽ ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي هجي يا ملڪي توڙي سنڌ جي ترقيءَ جو ٻيو ڪو وڏو پروجيڪٽ نوازليگ حڪومت جڏهن به آئي آهي اُن اهڙن منصوبن ۾ رڪاوٽ وڌي آهي، وزيراعليٰ سنڌ جو موقف آهي ته ڪي سي آر جو روٽ مڪمل طور ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ ئي ارپيل آهي، پر وفاق چاهي ٿو ته سٽي اسٽيشن کان ڊرگ روڊ تائين جيڪو حصو بڻجي ٿو اُن کانپوءِ ڊائورجن آهي ان حصي کي ايليويٽيڊ ڪري ڇڏيو ۽ مٿان کان کڻي وڃو، هيٺان هو ايڪسپريس وي ٺاهڻ گهرن ٿا، جنهن تي سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته وفاق کي ايڪسپريس وي ٺاهڻو آهي ته ساڄي پاسي کان ٺاهيو وڃي باقي ڪراچي سرڪلر ريلوي سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي ۽ زمين سنڌ حڪومت جي آهي جيڪا ريلويز کي پنهنجي ڪم لاءِ گهربل آهي اها استعمال ڪري سگهن ٿا ٻي صورت ۾ کين اها زمين ڪمرشل استعمال لاءِ نه ڏني ويندي ڇاڪاڻ ته سکر يا ٻين جڳهن تي به اهي انهن زمينن تي ڪمرشل سرگرميون ڪري رهيا آهن جنهن کي کين اجازت هرگز نه ڏني ويندي