ڪراچي( م ڊ ) ڪراچي پوليس جي دهشتگرديءَ جي انت واري کاتي سي ٽي ڊي هلندڙ سال سيوهڻ ۾ حضرت قلندر لعل شهباز جي مزار تي ٿيل آپگهاتي حملي جي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. سي ٽي ڊي ۽ رينجرز اختيارين جي گڏيل پريس ڪانفرنس دوران سي ٽي ڊي انچارج عامر فاروقي ٻڌايو ته سيوهڻ سانحي جي مرڪزي جوابدار نادر جکراڻي عرف مرشد کي منگهو پير ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته دهشتگرد وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوابدار جو 5 ڏينهن رمانڊ به حاصل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ۽ ايڊيشنل آءِ جي ثناءَ الله عباسي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ اهم گرفتاري بابت آگاهه ڪيو.