شڪارپور جي گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول سٽي ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، شاگردن پاران قومي ترانه

November 18, 2017 at 4:01 am

شڪارپور ( رپورٽ: عتيق ڌڪڙ) شڪارپور جي گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول سٽي ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، شاگردن پاران قومي ترانه، اسپيچ ۽ ٽبلوز پيش ڪيا ويا، استاد غلام مصطفيٰ سومرو ميموريل اسڪول لائبرري جوافتتاح  مھمان خاص چيئرمين آغا مسيع الدين دراني کان ڪرايو ويو، خبر موجب: شڪارپور جي گورنميٽ بوائز ھاءِ اسڪول سٽي ۾ ثقافتي پروگرام ڪيو ويو جنھن ۾ شاگردن پاران قومي ترانه، اسپيچ ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ان سلسلي ۾ پروگرام کي خطاب ڪندي ضلع چيئرمين آغا مسيع الدين دراني چيو ته تعليم ھڪ زيور آھي سنڌ جي نوجوان کي تعليم جي روشني سواريو ويو نوجوانن کي گھرجي ته تعليم سان محبت رکن ھن چيو ته تعليم انسان جي ھڪ ٽين اک جي مثال ھوندي آھي ھن چيو ته تعليم ھڪ سچ آھي جنھن کي ڳوليو وڃي ٿو سچ جي رستي واري جو مان مٿائون ھوندو آھي ڪوڙ جي رستي وارو ھميشه ھيٺ ٿيندو ويندو آھي، ھن وڌيڪ چيو ته پ پ پ ھميشه عوام جي خدمت ڪئي آھي اسان توھان عوام جا نمائندا آھيون ۽ توھان اسان جا آھيو سڀ ھڪ ٿي سنڌ جي ثقافت جو نالو روشن ڪيو ويندو، ان موقعي تي استاد غلام مصطفيٰ سومرو ميموريل اسڪول لائبرري جو آغا مسيع دراني افتتاح ڪيو ويو.اسڪول جي عبدالحميد سومرو عبدالفتاح مهر ۽ ٻين استادن سميت سوين شاگردن شرڪت ڪئي

اي پيپر