ڏوهن ۾ ملوث پوليس آفيسرن خلاف جيڪا ڪارروائي ڪرڻي هئي اها اسان ڪئي: اي ڊي خواجا

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجا (الله ڏنو خواجا) چيو آهي ته ڏوهن ۾ ملوث گريڊ 17 جي پوليس آفيسرن جو انگ 31 آهي، گريڊ 18 کان 21 تائين 35 آفيسر اهڙا آهن جن خلاف ڪارروائي ٿيڻي آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اي ڊي خواجا چيو ته ڏوهن ۾ ملوث پوليس آفيسرن جي خلاف جيڪا ڪارروائي ڪرڻي هئي اها اسان ڪئي، گريڊ 16 ۽ ان کان گهٽ گريڊ جي 184 آفيسرن کي سزائون ڏنيون ويون، گريڊ 17 کان مٿي جي آفيسرن خلاف ڪارروائي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڪندو آهي، آءِ جي سنڌ گريڊ 15 تائين جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿو ته جڏهن گريڊ 16 کان مٿي جي سينيئر آفيسرن خلاف ڪارروائي منهنجو اختيار ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *