ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي آءِ اي ماڊل اسڪول ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، خميس تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اڳيان پي آءِ اي ماڊل اسڪول ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي پرنسپل ماڊل اسڪول ۽ ٻين کان 29 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، عدالت پوليس کي درخواست ڪندڙ کي مڪمل سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، شهلا پروين درخواست ۾ چيو هو ته پرنسپل جي ملي ڀڳت سان شاگردياڻين ۽ عورت عملي کي اڻ واسطيدار ماڻهو حراسان ڪن ٿا، شاهه فيصل پوليس به جوابدارن جي پٺ ڀرائي ڪري ٿي، ٻين کانسواءِ پي آءِ اي ماڊل اسڪول جو هيڊ ڪلارڪ خليل شيخ ۽ پرنسپل به هن ڪڌي عمل ۾ شامل آهن، خليل شيخ پابندي جي باوجو مسلسل اسڪول اچي رهيو آهي، درخواست خليل جي اسڪول اچڻ بابت سي ڊي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، پي آءِ اي 7 سال ميڊيڪل ۽ 6 مهينن کان پگهار به بند ڪئي وئي آهي، پي آءِ اي کي ميڊيڪل ۽ پگهار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، حراسان ڪندڙ پي آءِ اي جي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.