سنڌ سرڪار ليڊي هيلٿ وڪرن جا مطالبا منظور ڪري ورتا، احتجاج ختم

November 17, 2017 at 3:50 am

ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي مختلف ضلعن جي ليڊي هيلٿ ورڪرن طرفان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪراچيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري وزيراعليٰ هائوس طرف ويندڙ رستن تي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته مطالبا منظور ٿيڻ کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو. ليڊي هيلٿ ورڪرن جي احتجاجي مظاهري سبب پولو گرائونڊ کان پي آءِ ڊي ويندڙ روڊ کي بند ڪيو ويو. پوليس جي وڏي نفري ليڊي هيلٿ ورڪرن کي اڳتي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جڏهن ته مظاهري دوران ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ چڪريون پڻ ٿينديون رهيون. ليڊي هيلٿ ورڪرن جو چوڻ هو ته کين پنجن مهينن کان پگهارون نه مليون آهن جنهن ڪري هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. سنڌ جي وڏي وير ۽ صحت واري وزير ليڊي هيلٿ ورڪرن سان ڳالهيون ڪري کين پگهارن جي ادائيگي ۽ سروس اسٽرڪچر سميت ٻيا مطالبا پورا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو. ليڊي هيلٿ ورڪرن ڪاميب ڳالهين کانپوءِ پوليو مهم جي بائيڪاٽ جو مطالبو به واپس ورتو.

اي پيپر