خانپور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت وقت کان اڳ ختم ٿي ويندي، حڪومت جي وڃڻ کان 90 ڏينهن پوءِ چونڊن ٿيڻ گهرجن. ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مسلم ليگ ن جا ماڻهو پاڻ کي نواز شريف کان الڳ ڪري رهيا آهن، ٿي سگهي ٿو ته حڪومت وقت کان پهرين ئي ختم ٿي وڃي ۽ حڪومت وڃڻ جي 90 ڏينهن کان پوءِ چونڊون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته سياست مان جيڪو پيسو ايندو اهو ڪي پي ڪي جي عوام تي خرچ ڪيو ويندو، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هر سال سياحت لاءِ 4 نوان تفريحي مقام کوليون، هن چيو ته ماضي ۾ قيمتي شيون چوري ٿي ٻاهر ويون، قديمي آثارن جو ميوزيم رکڻ گهرجي. عمران خان جو چوڻ هو ته وڻڻ جي ڪٽائي خلاف جهاد ڪري رهيا آهيون، ڪي پي ۾ تمر مافيا جو ڀرپور مقابلو ڪري رهيا آهيون، اسان هڪ ارب 18 ڪروڙ وڻ لڳايا. هن وڌيڪ چيو ته آلودگي سان ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي، ڏسڻو پوندو ته پاڪستان ۾ ڪهڙي جاءِ تي جهنگ، فصل ۽ ڪهڙي جاءِ تي عمارتون بڻايون ويون آهن.