لاهور (م ڊ): ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، چونڊن جو مطالبو ڪندڙ بيوقوفن جي جنت ۾ رهن ٿا، ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وفاقي وزير جو چوڻ هيو ته وقت کان اڳ چونڊن جي ڳالهه رڳو عمران خان ڪئي اهي، آدم شماري ٿي وئي، وقت کان اڳ چونڊون هاڻي نه ٿيون ٿي سگهن، ان سان آئيني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته اجلاس م ن ليگ جي سينٽرل ڪميٽي ۽ سينٽرل بورڊ جي جوڙجڪ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون آهن، جيڪو هلندڙ مهيني جوڙيو ويندو، هن چيو ته نواز شريف عوامي رابطا مهم شروع ڪندو ۽ آچر تي ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندو، جلسن لاءِ شهرن ۽ تاريخن جو اعلان جلد ڪيو ويندو، سعد رفيق چيو ته سياستدانن جي هر اشو تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، اميد آهي آئيني ترميم جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ حل ٿي ويندو.