آدمشماري مڪمل تڪراري آهي، حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

November 14, 2017 at 2:17 am

لاهور(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آدمشماري کي مڪمل طور تڪراري قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ گهرجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۽ آدمشماري ۾ فرق آهي. هن چيو ته اسان جي وڏي وزير وفاق کي آدمشماري بابت خط لکيا پر ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ کان فاٽا تائين آدمشماري مڪمل طور تڪراري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خان صاحب کي ڪهڙي ڳالهه جي تڪڙ آهي کيس خبر ناهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان کي ڊڄ آهي ته جيڪڏهن اليڪشن وقت تي ٿي هو هارائي ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻو صدر پرويز مشرف روپوش آهي، کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي. پ پ چيئرمين چيو ته پرويز مشرف تي هڪ وزيراعظم جي قتل جو ڪيس داخل ٿيل آهي، کيس ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو پ پ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته آدشماري ۾ 60 لک ماڻهن کي شمار ئي نه ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندن خدشا ختم ڪيا وڃن ته آدمشماري جي نتيجن کي قبول ڪيو ويندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم، پي ايس پي ۽ مشرف ڀلي ڇا به ڪن پ پ ڪاميابي حاصل ڪندي. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن سان سندن نظرياتي اختلاف آهن.

اي پيپر