شاگرد يونين جي بحالي بابت سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي ۾ شاگرد يونين تان پابندي کڻڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي، ايم ڪيو ايم ٺهراءَ جي ڀرپور حمايت ڪئي، ٺهراءُ پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبر عبدالستار راڄپر پيش ڪئي. تفصيل موجب پيپلز پارٽي جي  اسيمبلي ميمبر عبدالستار راڄپر ٺهراءَ ۾ چيو آهي ته شاگرد يونين تي پابندي جي ڪري تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو استحصال ٿي رهيو آهي ۽ نوجوان نسل ملڪي سياست کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪري رهيو آهي، شاگرد يونين تان پابندي کڻي تعليمي ادارن ۾ اليڪشن ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ايم ڪيو ايم به شاگرد يونين جي حمايت ڪئي، متحده قومي موومينٽ جي سينيئر اڳواڻ فيصل سبزواري چيو ته شاگردن کي قانون جي دائري ۾ آڻي متحرڪ ڪرڻ گهرجي، تنهن هوندي بحث کان پوءِ شاگرد يونين تان پابندي کڻي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *