آصف زرداري ۽ نواز شريف جي سياست رڳو پئسا ڏئي ماڻهن کي خريد ڪرڻ آهي: عمران خان

November 11, 2017 at 6:16 am

لاهور (م ڊ): تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته شخصيتن کي ادارن جي هيٺان هجڻ گهرجي، ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته شريف مافيا ملڪ جا سمورا ادارا تباهه ۽ مفلوج ڪيا، جن ادارن کي ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙڻو هيو، انهن ادارن ڪرپٽ ماڻهن کي نه پڪڙيو، عمران خان چيو ته ڪنهن ادري ڪجهه نه ڪيو، جڏهن پئسو ٻاهر وڃي رهيو هو، پاڪستان جي هيل تائين سياست رهي آهي ته هڪ کان فيڪٽريون بڻايو، ٺيڪيدار، قبضا گروپ اچي ويندا آهن، جيڪي وڏا وڏا نالا آهن، انهن کي ڏسو، پهرين ڇا هيا، هاڻي ڇا آهن، هن چيو ته حالتون اهڙيءَ ريت ڇڏڻ جو مطلب قبضا گروپ سياست ۾ اچي وڃن ۽ پوءِ وڌيڪ قبضا ڪن، عمران خان چيو ته ملڪ ۾ جيڪا تبديلي ايندي اها مون کان شروع ٿيندي، نه بينڪ آف خيبر کان قرض ورتو نه پنهنجي مائٽن کي نوڪري تي لڳايو، مان پنهنجي ٽيم کان به اها اميد ڪندس ته اها به اقتدار مان ذاتي فائدو نه وٺي، پراڻي سياست هاڻي نه هلندي، عمران خان چيو ته ڪي پي ۾ هڪ پئسي جو فائدو حاصل ناهي ڪيو، اقتدار مان نه مان ڪو فائدو کڻندس ۽ نه ڪنهن کي کڻڻ ڏيندس، آصف زرداري ۽ نواز شريف جي سياست رڳو پئسا ڏئي ماڻهن کي خريد ڪرڻ آهي، شاهد خاقان 94 ارب رپيا ڊيولپمينٽ فنڊ جي نالي تي ن ليگ جي اسيمبلي ميمبرن کي ڏنا، هن چيو ته هي ماڻهن کي خريد ڪرڻ لاءِ پئسا استعمال ڪندا آهن، دنيا جي ڪهڙي جمهوريت ۾ ترقياتي فنڊز ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڏنا ويندا آهن، ڪرپشن مٿان کان شروع ٿيندي آهي، جڏهن اسان جي واري آئي ته ڪنهن ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي ڪو فنڊ نه ملندو، عمران خان چيو ته ڊسٽرڪٽ ناظم جا ڊائريڪٽر اليڪشن ڪرائينداسين، لاهور جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي، ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ چاهين ٿا، هاڻي کان ٻڌائي ڇڏيا، ڪنهن کي ترقياتي فنڊز نه ملندا، سردار آصف احمد علي کي هن ڀيري ڪا مايوسي نه ٿيندي، هن چيو ته لاهور جو ايڊمنسٽريتر انتظامي معاملن کي سمجهڻ وارو ماڻهو آڻينداسين، لاهور ۾ صاف پاڻي ۽ آلودگي جو ڪڏهن ڪنهن فڪر ناهي ڪيو.

اي پيپر