مصطفيٰ ڪمال وٽ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ رستو ناهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي( م ڊ ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال وٽ ايم ڪيو ايم جوائن ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ سندس پوزيشن ڪمزور ٿي وئي آهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم مونجهاري جو شڪار آهي، فاروق ستار پنهنجي قائد جون يادون تازيون ڪري ڇڏيون آهن، پارٽي ڇڏڻ ۽ ٻيهر جوائن ڪرڻ سندس روايت آهي، الله ايم ڪيو ايم جي مدد ڪري ۽ سندن پريشاني ختم ڪري،  ايم ڪيو ايم جيڪو پنهنجي لاءِ بهتر سمجهي سندن حق آهي. هن چيو ته  ايم ڪيو ايم پنهنجي موقف تي قائم رهي ته مصطفيٰ ڪمال وٽ ڪو آپشن نه هوندو. سندس چوڻ هو ته پ پ ايندڙ چونڊن ۾ سرپرائيز ڏيندي، جڏهن ته پ پ ۾ شموليت جو ارادو رکندڙن جي آجيان ڪن ٿا، ڪراچي ڦ پ جيڪي ترقياتي ڪم ڪيا سي سڀني سامهون آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته قيدين جي ڀلائي لاءِ جيل سڌارا ضروري آهن، جيلن ۾ قيدين جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ آواز اٿاريندا رهندا، جڏهن ته جيل قيد هوندو آهي اتي مسئلا هوندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *