ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ حضرت امام حسين عه ۽ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي مرڪزي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿيو. سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي شهر ۾ موبائل سروس کي بند ڪيو ويو. جلوس نشتر پارڪ کان نڪري مقرر رستن کان ٿيندو امام بارگاهه حسينيه ايرانينه کارادار تي پڄاڻيءَ تي پهتو. جلوس جي سيڪيورٽيءَ تي ۵ هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا، جڏهن ته شهر کي ٽن زونز ۾ ۱۷ هزار کان وڌيڪ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سيڪيورٽي خدمتن لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. شهر جي مختلف هنڌن تي ننڍا وڏا ۱۰۰ جلوس برآمد ٿيا، جڏهن ته ۴٦۰ مجلسن جو اهتمام ڪيو ويو. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جمعي ڏينهن چاليهي جي مناسبت سان پوليس فورس کي سخت سيڪيورٽي رکڻ جون هدايتون ڪيون، جڏهن ته موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پڻ پابندي لڳائي وئي ۽ موبائل توڙي انٽرنيٽ سروس کي معطل رکيو ويو.