اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گھرو وزير احسن اقبال چيو ته جيڪڏهن اسان انتشار جي رستي کان پاڻ کي نه هٽآيو ته پوءِ اسانکي ڪنهن دشمن جي ضرورت ناهي، اسلامي ملڪ ۾ جھاد جو اعلان رياست جو حق آهي. پر هر محلي ۽ مسجد مان جھاد جو اعلان نه ٿو ڪري سگھجي. اسلامي ملڪ ۾ ڪنهن ٻئي جي قتل جي فتوا جاري ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي. سوشل ميڊيا تي جيڪي فتوا جاري ڪئي پئي وڃي ان جي خلاف سائيبر ڪرائيم قانون جي تحت ڪاروائي ڪنداسين. جھل مگسي واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي.جمعي تي قومي اسيمبلي پاليسي بيان ۾ گھرو وزير چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان ملڪ جي اندر اهڙن رجحانن کي ختم ڪيون جنهن سان اسانجي داخلي سلامتي کي خطرا ٿين، دشمن اسانکي پاڻ ۾ ويڙهائن چاهي ٿو، هو چاهي ٿو ته مسلمانن پاڻ وڙهي مرن جيڪڏهن اسان انتشار جي رستي کان پاڻ کي نه هٽايو ۽ پاڻ ۾ ٻڌي جو رستو نه اختيار ڪيو ته پوءِ اسانکي ڪنهن دشمن جي ضرورت ناهي. آئين ۽ قانون تحت اهڙي فتوا جي گنجائش ناهي ، الله جي حب ۽ رسول ﷺ جي حب جي ٺيڪيداري ڪنهن به ناهي، جيڪڏهن ڪوئي به اهڙي ڪاروائي ڪندو ته سائبر قانون جي تحت ان جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اپريشن جي نتيجي ۾ وڏي حد تائين دهشتگردي جي واقعن ۾ گھٽتائي ٿي آهي. پرڏيهه مان هدايتون وٺي اولهندي سرحدن سان دخل اندازي ڪري دشمن نشانون بنائي رهيو آهي. جڏهن ته دشهتگردن جي اسپانسرز کي پيغام ڏيون ٿا ته بزدلاڻي واقعن سان شڪست نه ٿا ڏئي سگھن، احسن اقبال چيو ته دشتگردي جو واقعو ياد ڏياري ٿو ته اسان متحد ٿي هڪ قوم وانگر رهڻون آهي ۽ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻي آهي، هن چيو ته اپريشن ردالفساد ۽ ضرب عضب ٿيا، ننڍا اپريشن ٿيا، دهشتگردي پرڏيهه مان هدايتون وٺي اولهندي سرحدن مان دخل اندازي ڪري ٽارگيٽ بنايو وڃي ٿو. جھل مگسي واقعي جي حوالي سان هن چيو ته صوبائي حڪومت سان گڏجي متاثرن جي لاءِ امدادي پيڪيج ڏينداسين. هن چيو ته ايوان ڪاغذن جي نامزدگي اصل حالت ۾ بحال ڪئي آهي. جيئن 2013 ۾ هيو ڪميٽيءِ ڪاغذن جي نامزدگي کي آسان بنائن جي لاءِ تجويزن تي غور ڪيو ڪابه ڳالهه لڪيل نه هئي. سب ڪميٽي کان ٿي ان ايوان ۽ ان جي ذريعي سڄي قوم جي اڳيان پيش ڪئي وئي، ان ڪميٽين ۾ سمورين پارٽِن جا ميمبر به شآمل هيا ، ڪا به بدنيتي ۽ بدديانتي نه هئي، خاتم النبي حضرت محمد ﷺ جي آخري نبي هجڻ جي حوالي سان هر مسلمان جو عقيدو مضبوط آهي ان لاءِ اسان سڀني گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته حلفنامي جيڪڏهن ٿورو به ڪو شڪ آهي ته فتني فساد کان بچڻ لا3 انکي بحالي ڪيو. گھرو وزير چيو ته ڪجھه عرصي کان وٺي اسان جي معاشري ۾ برداشت کان هٽي سياست ۽ مذهب جي بنياد تي فتوا ڏنيو پيو وڇن پيون، اسلام جمهوريا پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته اسلام کان ابتڙ ڪابه قانونسازي نه ٿي ٿي سگھي . ان لاءِ سڀ کان وڏو ادارو پارليمينٽ آهي . اسلامي نظرياتي ڪونسل آهي، هن چيو ته ٽن شين تي رياست جي حجارا داري آهي ڪنهن ٻئي کي حق ناهي ته دين جي حوالي سان پنهنجو فرمان جاري ڪري، ڪفر ۽ اسلام جي فتو ڏئي اهو آئين ان ايوان کي اجاز ت ڏيندو آهي ته هو تشريح ڪري ته ڪير مسلمان آهي ۽ ڪير ناهي.