پشاور (م ڊ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته قبيلائي علائقي جون حالتون تمام خراب آهن، هن چيو ته وفاق وٽ فاٽا کي خيبر پختونخواهه ۾ ضم ڪرڻ کانسواءِ ڪو آپشن ناهي، هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ بهترين لوڪل سسٽم آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت وٽ خيبر پختونخواهه سان ضم کانسواءِ ٻيو رستو ناهي، هن چيو ته ڪي پي ۾ لوڪل گورنمينٽ سسٽم فاٽا جي ضم ٿيڻ لاءِ بهترين آهي، هن چيو ته قبيلائي علائقي اندر ڪو نظام ناهي رهيو، عمران خان چيو ته پوليٽيڪل ايجنٽ جي مقرري لاءِ ڪروڙين رپيا کڻي ويندا آهن، هن چيو ته ڪرپشن سبب قبيلائي علائقا پٺتي رهجي ويا، فاٽا ۾ اسٽيٽسڪو کي بچائڻ لاءِ پراڻو نظام هلايو پيو وڃي، هن چيو ته فاٽا سيڪريٽريٽ ڪرپشن جو اڏو آهي، عمران خان چيو ته فاٽا جو ضم ٿيڻ 2018 ۾ شروع ٿيڻ گهرجي، فاٽا جي ضم نه ٿيڻ ڪري اسان دهشتگردي کي ٻيهر موقعو ڏينداسين، وفاقي حڪومت مفلوج ٿي چڪي آهي، محمود خان اچڪزئي جو ته فاٽا سان ڪجهه ڏيڻ وٺڻ ئي ناهي، فاٽا جي ضم ٿيڻ لاءِ اهتجاج به ڪرڻو پيو ته ڪنداسين، نواز شريف ڪنهن اصول ناهي وڙهي رهيو، نواز شريف مني لانڊرنگ جو پئسو بچائڻ لاءِ وڙهي رهيو آهي، هن چيو ته نواز شريف تي مني لانڊرنگ ثابت ٿي ته ان ٻاهر سمورو پئسو منجمد ٿي ويندو، نواز شريف ادارن تي حملن لاءِ ن ليگ کي استعمال ڪري رهيو آهي، شريف خاندان جي پرڏيهه ۾ اربين رپين جي پراپرٽي آهي، نواز شريف هاڻي اليڪشن نٿو وڙهي سگهي، فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي جو ته فاٽا ۾ ڪو حصو ناهي، سنڌ جي گورنر اعتراف ڪيو ته اسحاق ڊار معيشت بابت نواز شريف سان ڪوڙ ڳالهايو، سپريم ڪورٽ تي حملو جمهوريت تي حملو ڪرڻ آهي.