راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير سن ويڊانگ الوداعي ملاقات ڪئي ڪئي. پاڪ فوج جي شعبي عام تعلقن (آئي ايس پي آر ) جي مطابق چيني سفير آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . آئي ايس پي آر جي مطابق چيني سفير خطي م امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي جڏهن ته آرمي چيف پاڪستان ۾ خدمتون سر انجام ڏيڻ تي چيني سفير جو شڪريو ادا ڪيو.