ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي، ڌار صوبي جي ڳالهه نه ڪئي وڃي: خورشيد شاهه

جيڪب آباد(ڊ ر)قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪراچي سنڌ جو اهم حصو آهي الڳ صوبي جي ڳالهه نه ڪئي وڃي. ڪنڌ ڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته سياستدانن کي برداشت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ملڪ هن وقت نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، پاڪستان خلاف وڏي سازشون ۽ ملڪ ٽوڙڻ جو ڳالهيو ٿي رهيو آهن پر اسان کي ٻڌائڻ گهرجي ڪراچي سنڌ جو اٽوٽ حصو آهي ان کي الڳ صوبو ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪئي وڃي. اسان سدائين جمهوريت ۽ پارليمنٽ جي تحفظ جي ڳالهه ڪئي اسان جي خواهش وزير اعظم ٿيڻ جي نه پر پارليمنٽ ۽ جمهوريت کي مظبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون اسان ئي عمران خان کي روڊن تان کڻي پارليمنٽ ۾ آندو ۽ 8 مهينن جو پگهارون به وٺي ڏنيوسين ۽ ايم ڪيو ايم وارن کي به پارليمنٽ ۾ واپس اڻڻ وارا اسان آهيون. هن جو چوڻ هو ته پرويز مشرف پرڏيهه ۾ ويهي گدر واريون جهٽون هڻي رهيو آهي جڏهن ته بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي ۾ ئي مشرف کي پنهنجو قاتل قرار ڏئي چڪي هئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *