حڪومت گم ٿيل ماڻهن بابت سينيٽ جي سفارشن جو جائزو وٺي ؛ انساني حقن واري قائمه ڪميٽي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينٽ جي انساني حقن واري قائمه ڪميٽِي گم ٿيل ماڻهن بابت حڪومت کي سينيٽ پاران موڪليل سفارشن جو جائزو وٺڻ جسٽس منصور ڪمال جي گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جي هدايت ۽ ورڪنگ گروپ آف يو اين جي سفارشن کي پبلڪ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، ايم ڪيو ايم جي سينٽر نصرين جليل جي صدارت ۾ سينيٽ جي انساني حقن واري قائمه ڪيميٽي جو اجلاس ٿيو. نصرين جليل جبري گم ٿيل ماڻهن ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي ملوث قرار ڏيندي چيو ته جن کي کنڀيو وڃي پيو. اسان انهن کي جاچ جو چئي رهيا آهيون. هن چيو ته قانون نافذ ڪندڙ ادار ئي ماڻهن کي کنڀي رهيا آهن ۽ کنڀيل ماڻهن کي عدالت ۾ به پيش نه ڪيو پيو وڃي. هن سوال ڪيو ته قانون نافذ ڪندڙ ادارا ئي قانون جي پاسداري نه ڪندا ته  ڪير ڪندو. هن چيو ته ملڪ مان ڪيترائي هزار ماڻهون گم آهن صرف سنڌ مان 502 ماڻهون گم آهن. ڪميٽيءَ گم ٿيل ماڻهن جي وڌندڙ واقعن بابت ۽ انهن جي ڪميشن جي اختيارن جي غير موجودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي پ پ پ جي سينٽر فرحت الله بابر چيو ته پارليمينٽ سپريم ڪورٽ ۽ سمورا دارا گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي ناڪام ٿي چڪا اهن، ڪميٽي نشاندهي ڪئي ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ٿو پر ڪائي سزا نه ڏني وڃي ٿي. گم ٿيل ماڻهن  جي معاملي تي ڪميشن جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن. هن چيو ته  ڪميشن ڪيترن ئي هنڌن تي ناڪام ٿي وئي آهي. ان موقعي تي سينيٽر ڪريم خواجا  چيو ته پاڪستان کي پاڻ کي ئي معاملو حل ڪرڻ گھرجي. معاملو يو اين ۾ ويو ته ملڪ جي بدنامي ٿيندي. اجلاس  دوران ان ڳالهه جي به نشاندهي به ڪئي وئي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 120 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊن دوران ماڻهن   کي کنڀيو ويو ان کان پوءِ چيرمين نيشنل  ڪميشن فار هيومن رائٽس ڪميٽي کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ کنڀيل ماڻهن بابت ڪو به قانون ناهي. جنهن کان پوءِ ڪميٽي حڪومت کي سينٽ پاران موڪليل سفارشن جو جائزو وٺڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جي هدايت ۽ ورڪنگ گروپ آف يو اين جي سفارشن کي پبلڪ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *