پيڪيج ڏئي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي: فاروق ستار

ڪراچي( م ڊ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته پيڪيج ڏئي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، مخالف اسان جون ڪجهه وڪيٽون ڪيرائي خوش آهن، کين خوش رهڻ ڏنو وڃي، اسان سندن خوشيون خاڪ ۾ ملائڻ نه ٿا چاهيون. ڪراچيءَ ۾ بوهري جماعت جي پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين سان ملاقات کانپوءِ ميِڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ قومي سلامتي ۽ پاڪستان جي عوام جي سلامتي کي هٿي ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته بوهري جماعت جي روحاني پيشوا جي ڪراچي آمد ان ڳالهه جو اشارو آهي ته هتي جيڪي به ڳالهيون ٿينديون تنهن سان اتحاد بين المسلمين جي پرچار ٿيندي، ويڇا پيدا ڪندڙن کي ناڪامي ملندي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ نوجوان شامل ٿي رهيا آهن جيڪي اسان جي قافلي ۾ سفر ڪري رهيا آهن، اهي ايترا آهن جو سندن ڳڻپ ممڪن ناهي. فاروق ستار چيو ته مختلف طريقن سان وفاداريون تبديل ڪرڻ جي ڪوشس ٿي رهي آهي، سمورن سينيٽرن جو اجلاس طلب ڪيو آهي ۽ چونڊن سڌارن واري بل جي حمايت ڪندڙ سينيٽرز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيڻ غلط قدم آهي جنهن جي ڪابه معافي ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *