پرويز مشرف قوم جو قاتل آهي: نثار کهڙو

حيدرآباد (رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته اڳوڻو صدر جنرل پرويز مشرف قوم جو قاتل آهي، جنهن اڳ جمهوريت جو ۽ پوءِ هن نظام جو قتل ڪيو ۽ ان کان پوءِ عوام جي هردل عزيز قائد بينظير ڀٽو جو قتل به پرويز مشرف جي  حڪومتي دور ۾ ئي ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته هن ڪيترائي اهڙا بيان ۽ اشارا ڏنا هئا ته هو شهيد محترمه کي ملڪ ۾ اچڻ ڪو نه ڏيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ پ ضلعي حيدرآباد جي صدر صغير قريشي جي رهائش گاهه تي پريس  ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مشرف ئي هن ملڪ کي دهشتگردي جي جنگ ۾ وڌو جنهن ڪري لکين ماڻهن جون جانيون ضايح ٿيون. هن چيو ته پرويز مشرف سڀني کي ڊبل ڪراس ڪيو ۽ لال مسجد ۾ ڪارروائي به ڪئي ۽ ڪجهه مولوين کي برقعو پهرائي فرار ٿيڻ جو موقعو پڻ ڏنو. هن چيو ته پرويز مشرف کي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهڻ لاءِ 5 ارب ڊالر ڏنا ويا ۽ جڏهن حساب جو وارو آيو ته 3 ارب ڊالر جو حساب ئي نه ڏنو ويو. هن چيو ته نشترپارڪ جلسي تي حملي، 12 مئي ۽ 18 آڪٽوبر تي سوين ماڻهن کي مشرف دور ۾ ئي قتل ڪيو ويو. هن مطالبو ڪيو ته بينظير قتل ڪيس ۾ لاڳاپيل ادارا انٽرپول ذريعي مشرف کي ملڪ ۾ آڻين ۽ کيس ڪٽهڙي ۾  بيهارين. هن چيو ته پرويز مشرف اڪبر بگٽي کي به ڌمڪي ڏني هئي ته سڌري وڃ نه ته اتان کان مارينداسين خبر به نه پوندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن سينيٽ ۾ نااهل شخص جي پارٽي ليڊر ٿيڻ خلاف پ پ ووٽ ڏنو پر پي ٽي آءِ جا ماڻهو غير حاضر هئا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم به اسان جو ساٿ نه ڏنو. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ قانون ساز اسيمبليون آهن ۽ اتي اڪثريت راءِ سان ڪو به قانون يا ترميم ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته پهريان مسلم ليگ (ن) ئي چيو هو ته آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *