ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منظوري ڪراچي شهر جي رهواسين جي وڏي سوڀ آهي؛وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سي پيڪ جوائنٽ ورڪنگ گروپ پاران ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منظوري ڪراچي شهر جي رهواسين جي هڪ وڏي سوڀ آهي ۽ اها صوبائي حڪومت جي مخلصيءَ سان مسلسل جدوجهد جو نتيجو آهي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ سي پيڪ جي جوائنٽ ورڪنگ گروپ (جي ڊبليو جي) جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. هن چيو ته اڄ صبح ٽرانسپورٽ انفراسٽريڪچر بابت سي پيڪ جي ڊبليو جي ڪميٽيءَ هڪ اهم اجلاس هتي منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪي سي آر، ڪيٽي بندر ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون ڌاٻيجي جي منصوبن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبي جي انهن ٽن اهم منصوبن مان هڪ منصوبي ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منظوري ڏني وئي ۽ باقي ٻن منصوبن ڪيٽي بندر ۽ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي فزيبلٽي اسٽڊي کانپوءِ کين سي پيڪ فريم ورڪ تحت انهن تي عملدرآمد لاءِ سي پيڪ جي جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته چين پاڪستان اڪنامڪ زون ڪوريڊور سان سنڌ جي معيشت کي استحڪام حاصل ٿيندو ۽ ان جي بدولت صوبي اندر روڊن کي منسلڪ ڪرڻ ۽ انهن کي توسيع ڏيڻ ۾ به مدد ملندي ۽ ان سان ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ بهترين سهولتن سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جو اضافو ٿيندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته چين پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور بابت جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو هڪ اجلاس 29 ڊسمبر 2016ع تي بيجنگ چين ۾ منعقد ٿيو هو، جتي کين سينئر سطح جي هڪ وفد سان شرڪت ڪئي هئي. اسان (سنڌ حڪومت) ڪراچي سرڪلر ريلوي، ڪيٽي بندر ۽ چائنا اسپيشل اڪنامڪ زون ڌاٻيجي منصوبي جي تجويز ڏني هئي ته ان کي سي پيڪ ۾ عملدرآمد لاءِ ورتو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪي سي آر منصوبي جي اهميت کي ڏسندي ان جي فزيبلٽي ۽ فريم ورڪ ايگريمنٽ جي منظوري ڏني ۽ انکي وفاقي حڪومت سان شيئر ڪيو ته جيئن ان ميگا پروجيڪٽ تي جلد کان جلد ڪم جي شروعات ٿي سگهي. ڪي سي آر هن ميگا سٽي جي ماس ٽرانزنٽ سسٽم جو هڪ اهم حصو آهي. هن چيو ته ڪي سي آر لاءِ رهواسين پاران وڏي پئماني تي گهر ڪئي پئي وڃي ڇو ته ان منصوبي سان روزانو ست لک ماڻهن کي سفري سهولت ميسر ٿيندي. ڪراچي دنيا جي گنجان آبادي وارن شهرن مان هڪ شهر آهي ۽ هتي سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان وڏي پئماني تي سٺا ۽ همت افزا موقعا آهن. هن چيو ته ڪي سي آر منصوبي سان جيڪو معاشي فائدو آهي ان ۾ وهيڪل آپريشن ڪاسٽ (وي او سي) ۽ ٽريول ٽائم ڪاسٽ (ٽي ٽي سي) ۾ بچت آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان سمجهي رهيا آهيون ته ان ميگا سٽي شهر جي آباديءَ جي ٽرانسپوٽيشن جي مسئلن جو حل هڪ جامع ماس ٽرانزٽ سسٽم ۾ آهي. سنڌ حڪومت ان حوالي سان مختلف بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) لائنز تي ڪم شروع ڪيو آهي جيڪو ڪي سي آر کانسواءِ آهي. هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي 300 ڪلوميٽر طويل آهي ۽ هتي ٻه بندرگاهون ڪراچي پورٽ ۽ بن قاسم پورٽ آهن. هن چيو ته ڪيٽي بندر تي هڪ نئين جيٽي بڻائي ملڪ جي ڪوئلي کي برآمد ڪرڻ جي گنجائش ۾ اضافو ٿيندو ۽ انکي ملڪ جي مڪمل بندرگاهه طور به بڻائي سگهجي ٿو ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ 5 ملين ماڻهو آباد آهن جن کي سڌو سنئون فائدو ٿيندو. اسپيشل اڪنامڪ زون بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ اڳئي ڪجهه اسپيشل اڪنامڪ زون جهڙوڪ بن قاسم پارڪ، ڪورنگي ڪريڪ انڊسٽريل پارڪ ۽ خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڌاٻيجي 1000 ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ اهو ڪراچي کان اٽڪل 55 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي ۽ سي پيڪ جي اوڀر واري رستي ۾ اچي پيو، تنهنڪري واپاري لحاظ سان هاڻ ان کي فوري طور تي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مان چوڻ چاهيان ٿو ته مينوفيڪچرنگ ايگرو بيسڊ انڊسٽري جي آمد سان اهي اڪنامڪ زون صوبي جي آبادگارن لاءِ تمام ڪارائتا ثابت ٿيندا. هن چيو ته سي پيڪ منصوبا پاڪستان چين لاڳاپن جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندا. ان سان نه رڳو مقامي بلڪه ملڪ جي ٻين ترقي پزير علائقن ۾ به ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. ٽرانسپورٽ انفراسٽريڪچر ۾ تفصيلي غور بعد ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي جي منظوري ڏني وئي ۽ انکي سي پيڪ فريم ورڪ تحت ان تي عملدرآمد لاءِ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *