اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته جيترو قرض هن حڪومت ورتو، ان جي تاريخ نٿي ملي، پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته اشتهارن ۾ ته خوشحالي اچي رهي هئي، هاڻي خبر پئي ته قرضي ٿي ويا آهيون، عمران خان چيو ته قرض وڌندا پيا وڃن، قسطون ادا ڪرڻ لاءِ پئسا وٺڻا پئجي رهيا آهن، ملڪي جون معاشي حالتون ڳڻتي جوڳيون آهن، ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري نه پئي اچي، عوام تي ٽيڪس لڳائي پئسا گڏ ڪيا پيا وڃن، سڀني کان مهانگي بجلي برصغر ۾ پاڪستان ۾ آهي، مشرد دور کان گهٽ سيڙپڪاري زرداري جي دور ۾ آئي ۽ زرداري جي دور کان به گهٽ سيڙپڪاري نواز شريف جي دور ۾ آئي، هن چيو ته جڏهن افغان پاليسي بڻجي رهي هئي ته اسان جو پرڏيهي وزير نه هيو، نواز شريف پاناما ڪيس ۾ لڳل هيو، ان جي پرواهه نه ڪئي، هن چيو ته خواجا آصف، احسن اقبال هائوس ان آرڊر ڪرڻ جو چيو، ڀارت به اهو ئي چئي رهيو آهي، چار سال پنهنجو هائوس ان آرڊر نه ڪيو، هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪري رهيا آهن، سمورين سياسي جماعتن نيشنل ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو هيو، هن چيو ته شاهد خاقان عباسي اڃا به چوندو آهي نواز شريف ئي منهنجو وزيراعظم آهي، ڪوئي مثال ٻڌايو ته نااهل شخص پارليامينٽ ۾ نٿو اچي سگهي پر پارٽي جو ليڊر بڻجي سگهي ٿو، عمران خان چيو ته جمهوريت جي گهرج آهي ته وزيراعظم پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري، چونڊ سڌارن جو بل منظور ڪرائي جمهوريت جو مذاق بڻايو پيو وڃي، شيخ رشيد به چئي رکيو آهي قطر سان ايل اين جي معاهدا سامهون رکو، وزيراعظم کي ايل اين جي ڪانٽريڪٽ تي پارليامينٽ ۾ بريفنگ ڏيڻ گهرجي، عمران خان چيو ته وزيراعظم چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪري مينڊيٽ ٻيهر وٺي، هن چيو ته ملڪ ۾ فوري چونڊون ڪرايون وڃن، چيئرمين نيب، نواز شريف، اسحاق ڊار جو نالو اي سي ايل ۾ وجهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي نه هئڻ گهرجي، نيب جو نئون چيئرمين چاهيون ٿا، هن چيو ت اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ناهي، اتفاق راءِ آهي ته حڪومت فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڇو نه ٿي رڪي، اليڪشن ڪميشن هڪ ايڊمنسٽريشن ادارو آهي، اليڪشن ڪميشن کي اختيار ناهي ته اها توهين جو نوٽيس ڏئي، خواجا آصف جو حشر نواز شريف جهڙو ٿيندو، عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ منهنجو وڪيل پيش ٿي رهيو آهي، هاءِ ڪورٽ توهين عدالت معاملي تي گهرايو ته پيش ٿيندس، اسحاق ڊار ملڪي معيشت سان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو سامهون اچي ويو، جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، شاهد خاقان عباسي تمام ڪمزور وزيراعظم آهي.