شڪارپور( رپورٽ : عتيق ڌڪڙ) ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو اجلاس ميمبرن پاران قانون لاڳو ڪندڙ اداران کي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ جي اپيل. تفصيل موجب : ڪالھ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو اجلاس ضلع چيئرمين آغا مسيح الدين خان دراني جي ٿي گذريو ، اجلاس ۾ وائيس چيئرمين امير علي ڪماريو به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊکڻ جي صحافي مرحوم هزار خان چانڊيو ، غلام رسول ملگاڻي ۽ ڪجهه ٻين معزز شخصيتن جي وفات تي دعاءِ مغفرت گهري وئي. اجلاس سان ڳالهائيندي ضلع چيئرمين آغا مسيح الدين خان دراني چيو ته لوڪل گورنمينٽ جي طرفان هڪ ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هر يوسي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي اعتبار جوڳي ليبارٽريءَ ۾ ٽيسٽ ڪرائي رپورٽ موڪلي وڃي. هن چيو ته هر ميمبر پنهنجي پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائن. چيئرمين ضلع ڪائونسل چيو ته شڪارپور ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ٿيا آهن جنهنڪري شڪارپور هينئر به حساس قرار ڏنل آهي هن چيو ته ان سلسلي ۾ پوليس آفيسرن ۽ انتظاميه کي الرٽ ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا هن چيو ته چونڊيل نمائنده امن امان قائم رکڻ ۾ انتظاميه جو ڀرپور ساٿ ڏيندا. هن چيو ته هن مقدس مهيني ۾ لوڪل گورنمينٽ جا ادارا ۽ حيسڪو عوام کي سهولت ڏين. محرم الحرام جي حوالي سان ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبرن سيد نادر شاهه، غلام مصطفيٰ جوڻيجو، شعيب محمود سيال، عبدالسلام انڙ ۽ ٻين ميمبرن چيو ته محرم الحرام جي مهيني ۾ پوليس ۽ انتظاميه سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪري ۽ دهشتگرديءَ جي خطرن کان عوام جو خيال رکيو وڃي ته جيئن اڳ به اسان جي ضلعي اندر دهشتگرديءَ جا کوڙ سارا واقعا پيش آيا آهن. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر سيد نادر شاهه چيو ته شڪارپور کي سڪيورٽيءَ جي حوالي سان انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي ۽ هتي امن امان جو مسئلو آهي هتي جيڪي به ايس ايس پي اچن ٿا اهي ڄڻ پرده نشين ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته اسان پوليس اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ جتي به دهشتگرديءَ جو خطرو آهي اتي ڪاروائي ڪئي وڃي. ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر غلام مصطفيٰ جوڻيجو ۽ عبدالسلام انڙ چيو ته اسانجي ضلعي شڪارپور ۾ جيڪي سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳايون ويون آهن اهي به ڪم نٿيون ڪن ۽ شهر ۾ موٽر سائيڪل تي گهمندڙ معزز ماڻهن کي پوليس چيڪنگ دوران هروڀرو تنگ ڪري ٿي. هنن وڌيڪ چيو ته شڪارپور کان رتوديرو روڊ هجي يا شڪارپور کان سکر روڊ تي جيڪي ڪٽس لڳل آهن اهي تمام خطرناڪ آهن ۽ انهن سان گهڻا نقصان ٿين ٿا ۽ توهان نيشنل هاءِ ويز اٿارٽيءَ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر، انجنيئر ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي چئي انهن کي ٺيڪ ڪرايو وڃي. محرم الحرام جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ڊِي ايڇ او ڊاڪٽر شوڪت ميمڻ چيو ته جيڪي به تعلقه هيڊ ڪوارٽرس آهن اتي اسين انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي مدد جي ضرورت پئي تي اسين ڊي سي شڪارپور ۽ اوهان سان رابطو ڪنداسين.