اسلام آباد( بيورو ) نيب پاناما ليڪس ڪيس ۾ شريف خاندان خلاف ڪارروائي تيز ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر جاتي امر تي نوٽيس لڳائي ڇڏيا، جڏهن ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي گهر تي نوٽيس وصول ڪيو ويو آهي. نيب موجب نوٽيس جون ڪاپيون سمورين بئنڪن حوالي ڪيون ويون آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته نوٽيس جون ڪاپيون ڊي جي ايل ڊي اي، ڊي جي ايڪسائيز پنجاب کي به موڪليون ويون آهن. نيب موجب سيڪريٽري ڊي ايڇ اي، ڊي سي لاهور، چيئرمين ايس اي سي پي کي به موڪليون ويون آهن. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جاتي امرا ۾ نواز شريف جي رهائشگاهه ڪنهن به صورت ۾ وڪرو نه ٿي سگهندي. نيب موجب ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي رهائشگاهه تي نوٽيس رات دير سان وصول ڪيو ويو آهي. نيب موجب نوٽيس اثاثن کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ تي جاري ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب اسحاق ڊار پنهنجي متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيت وڪرو نه ڪري سگهندو.