آرمي  چيف سان افغان سفير جي ملاقات، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

راولپنڊي (م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان افغانستان جي سفير عمر زخيل وال ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهايو ويو. آئي ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغان سفير  جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان نئين افغان پاليسي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به ڳالهايو ويو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ گڏيل لاڳاپن ۾ بهتري جي لاءِ اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *