سنڌ ۾ سموريون ملازمتون ميرٽ تي ڏنيون وينديون؛وڏو وزير

September 21, 2017 at 7:44 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (هه آ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ترجمان چيو آهي ته سنڌ ۾ سموريون ملازمتون ميرٽ تي ڏنيون وينديون ۽ اسان پوليس ۾ 9000 کان وڌيڪ آساميون ميرٽ تي ڏنيون آهن ۽ سمورا استاد ۽ هيڊماستر اين ٽي ايس ذريعي ڀرتي ڪيا آهن. وڏي وزير جي ترجمان وڌيڪ چيو ته 5000 کان وڌيڪ ڊاڪٽر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀرتي ڪيا آهن. هن چيو ته ڇا اهي سموريون ڀرتيون ميرٽ تي نه آهن؟. ترجمان چيو ته جڏهن ته ميرٽ تي سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي ته همت افزائي ڪرڻ بدران ڪجهه مذموم عنصرن پاران بنا ڪارڻ جي تنقيد افسوسناڪ آهي. هن چيو ته اسان هرسڀني کاتن ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪرڻ جون واضح هدايتون ڏنيون آهن ۽ سنڌ حڪومت ۾ جيڪي غيرقانوني ڀرتيون ڪيون ويون انهن خلاف ڪارروائي ڪندي جاچ ڪئي وئي ۽ ميرٽ کي پامال ڪندڙ آفيسرن کي ملازمتن کان فارغ به ڪيو ويو. ترجمان چيو ته هاڻي اسان خلاف بنا سبب جي تنقيد نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جن کي سنڌ ۾ پزيرائي نه ملي آهي اهي عناصر شور ڪري رهيا آهن ۽ بنا ڪارڻ جي واويلا ڪري رهيا آهن ۽ انهن عناصرن کي سنڌ جي عوام ماضيءَ ۾ به رد ڪيو هو ۽ هاڻي به رد ڪندو ۽ هُو بخوبي ڄاڻن پيا ته ڪير سنڌ جو خيرخواهه آهي ۽ ڪير سنڌ مان پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ چاهن ٿا. ترجمان چيو ته اهي عناصر ڪڏهن به پنهنجي مذموم عزائم ۾ سوڀارا نه ٿيندا ۽ سنڌ جي عوام انهن عناصرن کي هميشه هميشه لاءِ مسترد ڪيو آهي

اي پيپر